اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ آغا خان فائونڊيشن وچ ۾ موسمياتي مسئلن کي م??هن ڏيڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، معاهدي تي م??سمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي ۽ آغا خان فائونڊيشن جي قومي ڪميٽي جي چيئرمين امين فراست صحيحون ڪيون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي م??سمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومين?? خورشيد عالم چيو ته پاڪستان جي م??سميا??ي ۽ ترقياتي هدف?? کي حاصل ڪرڻ ۾ حصيداري جو اهم ڪردار آهي، هن چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي ٻهراڙي ۽ سامونڊي علائقن ۾ معاشي تحفظ ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. رومين?? خورشيد عالم چيو ته ان حصيداري ذريعي م??سمياتي قدم?? کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا سامونڊي ۽ جابلو علائقا شديد موسم?? اثرن جو شڪار آهن، انهن مسئلن ۾ گليشيئر جو پگهرجڻ، سامونڊي سطح ۾ اضافو، زرعي مسئلن ۽ پاڻي جي کوٽ شامل آهن. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي علائقي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻهراڙي جا علائقا به موسميات?? اثرن جو شڪار آهن.