اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صد?? الهام عليوف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ جهاز جي افسوسناڪ ح??دثي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ شام آذربائيجان جي صد?? الهام عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 25 ڊسمبر 2024ع تي اذال ايئرلائين جي افسوسناڪ ح??دثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي آذربائيجان جي عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم آذربائيجان جي ڀائر عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آه?? ۽ سوڳوار خاندانن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ الله تعاليٰ کان دعاڳو آه??. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آذربائيجان جي ڀائر عوام صبر ۽ استقامت سان ان سانحي کي منهن ڏيندي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي و?? ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم صد?? عليوف کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ آذربائيجان کي گهربل هر تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??. صد?? عليوف افسوسناڪ واقعي جي ڏس ۾ حمايت ۽ يڪجهتي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته وزيراعظم جو ان موقعي تي آذربائيجان سان گڏ بيهڻ ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ دوستي جي پائيدار رشتي جو عڪاس آه??. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي و?? ۾ دوستي جي مضبوط رشتن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو پڻ ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جهاز حادثي جي حوالي سان تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.