اسلام آباد-15 ڊسمبر(اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته شروعاتي ??طل??عن موجب يونان جي ڪريٽ ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ گذريل ڏينهن ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ بچي ويلن ۾ 47 پاڪستان پڻ شامل آهن جڏهن ته فوت ٿي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني جي تصديق ٿي آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هن وقت فوت يا گم ٿي ويلن پاڪستاني شه??ين جي حتمي تعداد جي تصديق نه ٿي ڪري سگهج?? جڏهن ته يونان ۾ پاڪستان جو س??ارتخانو هيلينڪ ڪوسٽ گارڊ ۽ چانيا جي ڪوسٽ گارڊ سان رابطي ۾ آهي جيڪي سڌي ريت سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار پاڪستانين سان ملڻ ۽ انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪريٽ پهچي ويا آهن. يونان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پرڏيهي وزارت پنهنجي ڪرائسز مينجمنٽ يونٽ (سي ايم يو) کي فعال ڪري ورتو آهي. پرڏيهي کاتي يونان ۾ پاڪستاني شه??ين ۽ انهن جي ڪٽنبن کي ٽيليفون نمبرن / اي ميل فون نمبر 0519207887 ، اي ميل cum1@ mofa.gov.pk تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گم ٿي ويل پاڪستانين جا ڪٽنب ڄاڻايل ٽيلفون نمبر تي رابطو ڪري ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل معلو م ڪري سگهن ٿا.