اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اس??مبليءَ جي اس??يڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ووٽ هڪ مقدس امانت ۽ قومي فرض آهي جنهن ذريعي عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي رُخ جو تعين ڪري ٿو، جمهوريت جو بنياد عوام جي راءِ تي آهي، عوام پنهنجي حق ذريعي پنهنجي من پسند نمائندن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائين ٿا. اهڙو اظهار هن قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 7 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. اس??يڪر چيو ته هڪ مضبوط ۽ فعال جمهوريت لاءِ عوام جي ڀرپور شرڪت ضروري آهي. هن چيو ته ووٽ نه وِجهڻ دراصل پنهنجن حقن ۽ ذميدارين کان غفلت جي برابر آهي. هن ملڪ ۾ شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن ۾ ووٽ جي اهميت کي ا??اگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شرڪت سان نه صرف جمهوريت مضبوط ٿئي ٿي پر ملڪي ترقيءَ لاءِ نيون راهو?? به کُلن ٿيون. اس??يڪر چيو ته پارليامينٽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت کي ا??اگر ڪرڻ ۽ جمهوري عمل کي مضبوط بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي ڊپٽي اس??يڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ووٽ وِجهڻ هر شهريءَ جو ??ئي??ي حق ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جو ذريعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جو هر شهري ووٽ ذريعي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ??صو وٺي. هن چيو ته جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ ??ئي?? جي بالادستي عوامي حقن جي تحفظ جي ضمانت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي حق جي اهميت کي ا??اگر ڪرڻ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندي.