لاهور – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽ?? آءِ جو ظهير ??باس کوکر بار بار اليڪشن ٽربيونل کان تاريخون گهري اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس غلطي ٿي آهي، اڳ ۾ ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي. پي ٽ?? آءِ جي ظهير ??باس کوکر پاران پنهنجي خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ ڏنل درخواست ۾ تاريخ وٺڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ منهنجا وڪيل اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿيا، اسان جي وڪيلن جي مڪمل تياري هئي ۽ سمورا دستاويز به موجود هئا. هن چيو ته مخالف پارٽي ??ٽ ڪي به ثبوت نه هئا. وفاقي وزير چيو ته ظهير ??باس کوکر عدالت کان فرار چاهي ٿو، انهي لاءِ عدالت کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪڏهن وٽس ثبوت موجود هئا ته ظهير ??باس کوکر تاريخ ڇو گهري؟ ظهير ??باس منهنجي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو آهي ته هاڻي منهن ڇو نه ڏئي رهيو آهي؟ هن چيو ته بار بار تاريخون گهري هي اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس غلطي ٿي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو پي ٽ?? آءِ جو شيوو بڻجي چڪو آهي.