اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ايف بي آر ٽيڪس جي ملڪي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ ادائيگين جو نئون سسٽم اي پيمنٽ 2.0 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو ايف بي آر جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته ٽيڪس ايڊمنسٽريشن کي بهتر بڻائيندي محصولن ۾ جديد ڊجيٽل حل ذريعي اضافو ڪري سگهجي، ادائيگين جو اهو نئون سسٽم آءِ آر اي ايس 2.0 پورٽل تي دستاب آهي، اهو جديد پليٽ فارم آهي جيڪو سڄي ملڪ جي ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ ادائيگي جي عمل کي آسان بڻائي ٿو. ڊائريڪٽر جنرل (آءِ ٽي ۽ ڊي ٽي) عائشه فاروق اسلام آباد ۾ پي ??ر اي ايل هيڊڪوارٽر ۾ اي پيمنٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو. ايف بي آر موجب اي سسٽم ذريعي صارفين کي پنهنجي بئ??ڪ اڪائونٽس مان انٽرنيٽ بئ??ڪنگ، اي ٽي ايم ۽ موبائيل بئ??ڪنگ ذريعي محفوظ، موثر ۽ آسان آن لائن ادائيگي جي سهولت ميسر هوندي جنهن سان بئ??ڪ وڃڻ جي ضرورت ختم ٿي ويندي، روينيو مينيجمينٽ ۾ اي پيمنٽ 2.0 اهم اڳڀرائي آهي جيڪا انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس جهڙي مختلف قسمن جي ٽيڪسن جو احاطو ڪري ٿي، ان کان په??ين ٽيڪس ڏيندڙن کي آءِ آر آءِ ايس 2.0 کان ٻاهر ڌار اي پيمنٽ سسٽم است??ما?? ڪرڻو پوندو هو جنهن ۾ مختلف پورٽلز وچ ۾ مٽاسٽا شامل هوندي هئي، هاڻي اي پيمنٽ 2.0 ذريعي ايف بي آر هڪ متحد ۽ بهتر يوزر فرينڊلي انٽر فيس اهم فراهم ڪيو آهي جيڪو آءِ آر آءِ ايس 2.0 ۾ سڌي ريت دستياب آهي، ه?? منفرد پيمنٽ سلپ آءِ ڊي (پي ??يس آءِ ڊي) جنريٽ ڪري اهو سسٽم ٻنهي رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ فوري ۽ آسان ادائيگي جي سهولت فراهم ڪندو آهي، ادائيگي مڪمل ٿيڻ تي تصديق ٿيل ڪمپيوٽرائزڊ پيمنٽ رسيد (سي پي ??ر) اي ميل ۽ ايس ايم ايس ذريعي ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي آءِ آر آءِ ايس 2.0 سسٽم ۾ مستقبل جي است??ما?? لاءِ آساني سان حال ڪري سگهجي ٿو. اهو سسٽم محفوظ ۽ درست ملٽي اسٽيپ ورڪ فلو ذريعي ٽيڪس ڏيندڙن کي پي ??يس آءِ ڊي جنريٽ ڪرڻ، اي ڊي سي چئنلز ذريعي ادائيگي مڪمل ڪرڻ ۽ فوري طور تي ڪمپيوٽرائزڊ پيمنٽ رسيد وصول ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو. شفافيت ۽ جوابدهي کي وڌائڻ لاءِ ان ۾ جامع پي ??يس آءِ ڊي سرچ فيچر ۾ شامل آهي جنهن سان ٽيڪس ڏيندڙن کي ادائيگي جو رڪارڊ آساني سان حاصل ۽ تصديق ڪرڻ جي سهولت ملندي آهي، ان نوعيت جي آٽوميشن ۽ انگريشن جي ڪري غلطين ۽ دير جو خطرو گهٽجي ويندو آهي ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جو مرحلو واضح طور تي آسان ٿي ويندو آهي جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته ايف بي آر ڪاروبار دوست ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي.