اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چ??و آهي ته صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، پ پ جي حڪومتي دؤر ۾ عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ڪئ?? وئي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن آهي. صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. عورت تي تشدد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آهي. هن چيو ته پ پ ع??رتن تي هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، جنهن معاشري ۾ عورت ڪمزور آهي اهو معاشرو ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجود جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع جي آئين موجب زندگيءَ جي هر ??عبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.