لاهور-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي ب??تر??ن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل وفد ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانيه جون نامياريون ڪاروباري شخصيتون شامل هيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن ??ان تازو ئي ملڪي معيشت ب??تر?? طرف گامزن ٿي آهي جنهن ??ان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغ??ب ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بز??س ٽو بز??س لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي ??ان تعاون جون نيون راهون ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي وزيراعظم جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.