راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) اٽلي بحريه جا ايئرڪر??فٽ ڪي??يئ?? ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا. ڪراچي بندرگاهه تي ايندڙ اهو اٽلي جو پهريون ايئرڪر??فٽ ڪي??يئ?? آهي. آءِ ايس پي آر موجب جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير جهازن جو استقبال ڪيو. اٽلي جي جهاز سان گڏ اٽلي نيوي جا اعليٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤرو ڪيو. ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل عباسي اٽلي ايئرڪر??فٽ ڪي??يئ?? جو دؤرو ڪيو. اٽلي جي سفير ۽ بحريه جي اعليٰ عملدارن ڪمانڊر پاڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دل??سپيءَ جي معاملن ۽ مستقبل ۾ بحري ڀائيواري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري دوران پاڪستان بحريه ۽ اٽلي ايئرڪر??فٽ ڪي??يئ?? اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون به ڪندا. اٽلي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي جي اهم بحري قوت آهي ۽ پاڪ- اٽلي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.