اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن لاءِ ڪيترائي پرُڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، سعودي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبن جي ??ڇ به ڪنداسين. وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي جي ??يڙپڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته سعودي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي پرڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، مواصلات جي ??عبي ۾ ايم – 6 ۽ ايم – 9 ??وٽ?? وي جي منافعي بخش منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پڌرائي موجب وفاقي وزير سعودي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڪراچي بندرگاهه کي په??ين کان موجود ??وٽ?? وي سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، ڪراچي کان حيدرآباد ۽ سکر ??وٽ?? وي جي ??لد کان جلد تڪميل اولين ترجيح آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته نجڪاري لاءِ اهڙا سرڪاري کاتا پائپ لائين ۾ آهن جيڪي فوري منافعو ڏئي سگهن ٿا. سعودي عرب سان هر طرح جي ??صيداري ۽ سيڙپڪاري جي ??جيان ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ سرڪاري ادارن ۾ نمايان بهتري ۽ سڌارن جو عمل متعارف ڪرايو آهي. سعودي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به منصوبا پيش ڪنداسين. مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري جا شعبا بهترين بزنس ماڊل وارا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي سعودي وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ??ڇ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي سعودي وفد، واپاري برادري ۽ سرڪاري عملدارن طرفان ڀرپور تعاون جي ??اطري ڪرائي. هن چيو ته اسان جي ??ل پاڪستاني عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي.هي اسان جو پنهنجو گهر آهي. پاڪستان جي ??ن دوري کي وڌ کان وڌ فائديمند بڻائينداسين. بريفنگ دوران مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي سيڪريٽرين به سعودي وفد کي اهم معاملن جي ??والي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ان کانپوءِ منعقد اجلاس ۾ سعودي وفد سان گڏ جوائنٽ منسٽريل ڪانفرنس، جي ٽو جي ??طح تي گڏيل سهڪار تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، ڄام ڪمال خان ۽ اويس لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، احمد چيمه، علي پرويز ملڪ ۽ شيخ قيصر کانسواءِ سينئر عملدار به موجود هئا.