اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ جي گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي 79 هين اج??اس ۾ شرڪت ڪندو جتي هو گهڻ رخي عمل جي ??اء?? پاڪستان جي ثابت قدم عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي ??اء?? گڏيل قومن جي ڪردار جي حمايت جو اظهار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي ۽ پراڻي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏيندو. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، جنرل ??سيمبلي جي صدر ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ملاقات ڪندو. هو سطح سمنڊ ۾ وڏي ت??دا?? ۾ پيدا ٿيندڙ وجودي خطرن ۽ ”ليڊرشپ فار پيس“ سميت اعليٰ سطح جي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث ۾ حصو وٺندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جيڪو وزيراعظم سان گڏ هوندو، 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل ??يڪريٽري پاران گهرايل ”سمٽ آف دي فيوچر“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هو او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني رابطا ميٽنگ، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس، جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اج??اس ۽ غيروابسته تحريڪ جي وزارتي اج??اس ۾ پڻ حصو وٺندو.