اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ اي?? او) جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگيوز ??يلاسڪو 12 کان 14 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو آءِ اي?? او جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. سيڪريٽري جن??ل ويلاسڪو ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم سسٽين ايبلٽي ايگزيبيشن اينڊ ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪندو ۽ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. بيان موجب سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو دورو آءِ اي?? او کي ميري ٽائيم سيڪٽر ۽ بليو اڪانومي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان آءِ اي?? او جي باني ميمبر جي طور تي صاف سمنڊن ۾ محفوظ ۽ موثر شپنگ جي آءِ اي?? او جي ويزن جي لاءِ پرعزم آهي. بيان موجب پاڪستان آءِ اي?? او ڪائونسل ۾ 5 ٽرمن تائين خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ آءِ اي?? او جي مقصدن کي برقرار رکڻ ۾ مسلسل تعاون ڪيو آهي.