اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪ بحريه مل?? کي درپيش روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ ??وش??الي جي ضامن آهي، مل??ي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان يوم بحريه جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ص??ر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وطن جي دفاع ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار، آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ قربانين کي به ساراهيو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ دشمن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪري پاڪ بحريه پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. صدر مملڪت چيو ته پاڪ بحريه مل?? کي درپيش روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ ??وش??الي جي ضامن آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي جديد ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته مل??ي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار آهي. پاڪستان جي بحري مفادن ۽ حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آهي، قوم پاڪ بحريه، ان جي جوانن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي تي فخر ڪري ٿي، پاڪ بحريه جي هيروز جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن.