اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گڏيل قومن جي افغانستان بابت خاص نمائندي اندريڪا توتي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ڪ??لهه گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، فدي ايل ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جو سربراهه مالڪ سيسي به شامل هو. وفاقي وزير گهرو وزارت پهچڻ تي گڏيل قومن جي وفد جي آجيان ڪئي. افغانستان بابت گڏيل قومن جي خاص نمائندي بلوچستان ۾ دهشت??رد??ءَ جي تازن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪئي. وفاقي وزير وفد سان ڳالهائيندي چيو ته دهشت??رد?? هڪ عالمگير مسئلو آهي ۽ پاڪستان دهشت??رد??ءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، دهشت??رد??ءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جي قربانين جو مثا?? نٿو ملي. گهرو وزير پاڪستان ۾ ٿيل حملن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ملوث هئڻ جي باري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي حملن لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي ۽ کين هر حال ۾ روڪڻو پوندو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان ??نا??گيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، غير قانوني طور پرڏيهين جي واپسي مرحليوار ??رو??ات ٿي چڪي آهي. هن واضح ڪيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، ويزا ۽ ٻين قانوني دستاويزن بنا ڪنهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ جلد افغان ??نا??گيرن جي واپسيءَ جو ٻيو مرحلو ??رو?? ڪيو ويندو. گهرو وزير افغان ??نا??گيرن جي بحاليءَ لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ جي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو. خاص نمائندي افغان ??نا??گيرن ۽ دوحه ڊائلاگ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته افغان ??نا??گيرن جي مستقبل بحاليءَ تي افغان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.