اسلام آباد -05 ??گس?? (اي پي پي)صنعتن، پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 ??گس?? 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن ??يو ته ڀارت جا 5 ??گس?? جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، جن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. هن ??يو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لا??وال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سنگين ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لا??ِ سنگين نتيجا نڪرندا. هن ??يو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي سندن لا??وال قربانين ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصلي لا??ِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. پاڪستان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لا??ِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.