لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن ج??ابدارن عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو ??يص??و ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن ج?? حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن ج??ابدارن تي لڳايل الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت وارو مواد رکڻ جي الزام ۾ ڪيس د??خل آهي، جوابدار عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ خلاف 2023ع ۾ ڪيس د??خل ڪيو ويو هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو مواد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو بعد ۾ جمعي ڏينه?? عدالت پنهنجو فيص??و ٻڌايو.