اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ چين جي ويزن کي ساراهي ٿو، سي پيڪ هن خطي ۾ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ من??وبي جو اهم حصو آهي، گذريل 10 سالن جي سفر اسان کي مسلسل ڪوششن جي اهميت ۽ خدشن کي فعال طور تي حل ڪرڻ جي صلاحيت سيکاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رٿابندي واري وزارت ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي گڏيل تعاون ڪميٽي جي 13 هين ??جل??س کي خطاب ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وائيس چيئرمين نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ريفارمز ڪميشن مسٽرلي چونلن جي گڏيل صدارت هيٺ 13 هين جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) جو ??جل??س ٿيو. ??جل??س ۾ وفاقي وزير عليم خان، وفاقي وزير اويس من??ور سمرا، توانائي، مواصلات، سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽرين ۽ وفاقي ۽ صوبائي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چين طرفان ??جل??س جي صدارت وائيس چيئرمين نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪري رهيو هو. جي سي سي جي شرڪت ڪندڙن کي سي پيڪ جي اڳڀرائي تي ٻڌل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. دستاويزي فلم ذريعي سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهايو ويو. ??جل??س ۾ سي پيڪ ڊگهي مدي وارن من??وبن، توانائي، مواصلات، گوادر ورڪنگ گروپ، صنعتي، سماجي ۽ معاشي، عالمي تعاون ۽ رابطا، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ورڪنگ گروپس ۾ ٿيل اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ويو. ??جل??س ۾ بشام ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيل چيني ماڻهن لاءِ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ چين جي ويزن کي ساراهي ٿو، اسان سي پيڪ جي ٻئي فيز کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ چين جي نيشنل ڊولپمينٽ ريفارم ڪميشن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هي ٻنهي ملڪن جي گڏيل خوابن جو سفر آهي. آئون چين جي نيشنل ڊولپمينٽ ريفارم ڪميشن سمورين چيني وزارتن ۽ مالياتي ادارن جو ٿورائتو آهيان ته هو اڄ هن فورم تي گڏ ٿيا. ان اسٽريٽجڪ قدم تحت اسان سي پيڪ جي چئلينجن کي گڏجي حل ڪنداسين. احسن اقبال چيو ته جن من??وبن جو اسان ڪڏهن خواب ڏٺو هو اهي هاڻي عملي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. سي پيڪ هن خطي ۾ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ من??وبي جو اهم حصو آهي. گذريل 10 سالن جي سفر اسان کي مسلسل ڪوششن جي اهميت ۽ خدشن کي فعال طور تي حل ڪرڻ جي صلاحيت سيکاري. چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ ذريعي بجلي پيدوار کي امپورٽ ٿيل فيول کان مقامي فيول تي من??قل ڪيو. پاور سيڪٽر ۾ 16 ارب ڊالرن جا من??وبا مڪمل ٿي چڪا آهن، هن چيو ته مواصلات سيڪٽر ۾ 6 ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جا 8 من??وبا مڪمل ڪري چڪا آهيون. ريلوي جي 6 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جي ايم ايل ون من??وبي تي ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. ايم ايل ون من??وبو بڊنگ لاءِ تيار آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي تي به اڳڀرائي ٿي رهي آهي. سکر حيدرآباد موٽر وي تي ڪم جاري آهي. سي پيڪ تحت گوادر ۾ سماجي ترقي جا من??وبا شروع ڪري رهيا آهيون، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو زراعت، صنعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون ۽ ترقي آهي. خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ٽيڪنالاجي ۽ چيني ڪمپنيون پنهنجي صنعتن کي انهن خصوصي زونز ۾ من??قل ڪنديون. ??جل??س ۾ چيني وائيس چيئرمين اين ڊي آر سي لي چونلن وفاقي وزير احسن اقبال جي سي پيڪ سان گهري وابستگي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته احسن اقبال هن وقت تائين من??قد ٿيل 13 مان 10 جي سي سي ??جل??سن جي صدارت ڪئي جيڪو پڻ هڪ اعزاز آهي. چين پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ڀرپور تعاون لاءِپرعزم آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ عل??ئق?? جي لاءِ تبديلي جو من??وبو آهي. سي پيڪ تحت توانائي جا 16 من??وبا مڪمل ڪري چڪا آهيون، بجلي من??وبن ۾ پيداوار ۽ فراهمي جا من??وبا شامل آهن.