اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌمت جي باني گوتم ٻڌ سان منسوب ڏڻ ويساڪ جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ ٻڌمت جي پيروڪارن ??ي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ??يب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته اسان ويساڪ ج?? ڏينهن جي موقعي تي ٻڌمت م??هب جي پيروڪار دوستن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيون ٿا. ه?? ڏينهن سڀني جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ هم آهنگي آڻي. وزيراع??م چيو ته اچو پنهنجي گڏيل ورثي کي اجاگر ڪريون ۽ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم جي لاءِ ڪوششون جاري رکون.