اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن کي و??يڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ سياحتي رابطن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ت?? ازبڪستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي و??يڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ ازبڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ت?? پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ٻطرفا واپاري ۽ اق??صادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي و?? ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تج??يزون ڏنيون. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ت?? ٻطرفي واپاري ۽ اق??صادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.