اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 16 کان 22 جنوري 2024ع تائين ڪمپالا يوگنڊا جو دورو ڪري ??هيو آهي، جتي هو 17 کان 20 جنوري 2024ع تائين غيروابسته تحريڪ جي مملڪتي اڳواڻن ۽ 19 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري ??هيو آهي، ٽيون ڏکڻ سربراهي اجلاس 21 ۽ 22 جنوري 2024ع تي ٿيندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يان موجب ٻئي سربراهي اجلاس ميمبرن جي لاءِ ??ال??ي، علائقائي، سياسي ۽ سماجي اقتصادي مسئلن تي گڏيل موقف تي غور ڪرڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. پراڻي ميمبر طور پاڪستان غيروابسته تحريڪ جي ايجنڊا ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان کي جوڙيو آهي ۽ امن ۽ سلامتي بابت علائقائي ۽ ??ال??ي چئلينجن جو جواب ڏيڻ ۾ اين اي ايم جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙي طرح پاڪستان به 77 ۽ چين جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ پائيدار ترقي، غربت جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلين سميت گلوبل سائوٿ جي وچ ۾ تعاون کي اعليٰ ترجيح ڏي ٿو. غيروابسته تحريڪ سربراهي اجلاس ۾ نگران پرڏيهي وزير ??ال??ي امن، سلامتي ۽ ترقي بابت مقامي ۽ موجوده ??ال??ي چئلينجن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو گهڻ رخي کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن کي فروغ ??يڻ جي لاءِ اين اي ايم جي ڪردار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو. سائوٿ سمٽ ۾ نگران پرڏيهي وزير گڏيل چئلينجن تي روشني وجهڻ کانسواءِ خوشحال ۽ گڏيل ڏکڻ جي ايجنڊا تي اتفاق راءِ ڪرڻ جي لاءِ گلوبل سائوٿ جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ تي پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. ٻنهي سربراهي اجلاسن جي موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جي ٻين شريڪ ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.