اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قائد??عظ?? محمد علي جناح جي جدوجهد اڄ جي ساستدانن جي لاءِ مثال آهي، قائد??عظ?? قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، قائد??عظ?? قانونن جي اندر رهندي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪئي، ڪنهن قانون ۾ تبديلي جو رستو رڳو ??را??ن سياسي جدوجهد ۾ موجود آهي، اسان کي ملڪ جي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀني جي لاءِ ب??تر هوندو. ”اي آر وائي“ نيوز چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قائد??عظ?? محمد علي جناح قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، ان وقت انگريز دور ۾ نئون آبادياتي قانون هو، قائد??عظ?? ان دور جي قانونن جي اندر رهندي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪئي، قائد??عظ?? جي جدوجهد اڄ جي سياستدانن جي لاءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته ڪنهن قانون تي اختلاف ته ٿي سگهي ٿو پر ان ۾ تبديلي جو رستو رڳو ??را??ن سياسي جدوجهد ۾ موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ کسڻ جي و??قع?? جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وزير??عظ?? آفيس ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ انٽرنل ڪميونيڪشن معمول جو حصو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي عهدي تان هٽائڻو هجي ته ان جي لاءِ قانوني پراسيس موجود آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي، جيڪڏهن ڪٿي بي ضابطگي ٿي ته اليڪشن ڪميشن ايڪشن کڻي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، اسان کي ملڪ جي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جو ملڪ هڪ آهي، ملڪ جي بهتري جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀني جي لاءِ ب??تر هوندو.