اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وا??الحق ڪاڪڙ آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڊگھي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ا??وا??الحق ڪاڪڙ سان آءِ ايم ايف جي مشن چيف ناٿن پورٽر ۽ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جي ريزيڊنٽ نمائندي ايسٿر پيريز ملاقات ڪئي ۽ کيس اسٽينڊ بائي معاهدي (ايس بي اي) جي پهرين جائزي تحت حڪومتي ٽيم سان فني سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ناٿن پورٽر پروگرام جي ٽه ماهي هدفن کي پور?? ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته ??ند?? ڪوششن جي نتيجي ۾ فني سطح تي ڳالهه ٻولهه جو مثبت نتيجو نڪتو آهي. هن چيو ته ٻنهي ٽيمن ايس بي اي جي مختلف رخن تي وسيع ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هنن فني سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ ناڻي واري وزير ۽ ??ند?? ٽيم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان گڏ ??ند?? ٽيم جي ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪستا?? سان جاري ڪم تي آءِ ايم ايف جي ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزير ج?? قيادت ۽ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ??ند?? ٽيم جي تعاون کي ساراهيو. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ج?? ڪردار کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو مقصد ڊگهي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا.