اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبر جي علائقي تيراهه ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن، خوش دل خان، رفيق خان ۽ عبدالقادر کي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿيندي??ن. ??ن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻينداسين. صدر چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي ??عا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ ??عا ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو.