اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشف چيو آهي ته ڪش??ير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪش??ير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان هميشه علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ڪش??ير جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسپيڪر ڪش??يري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪش??يري عوام سان علائقائي ۽ـ عالمي فورمز تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پُختي عزم کي دُهرايو. اهڙو اظهار هن يومِ سياهه ڪش??ير جي موقعي تي جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد تازا ڪندو آهي جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪش??ير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو ق??ضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪش??ير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت سوز ظلم ڪيا جنهن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪش??ير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو وڃي پيو. هن چيو ته والاريل ڪش??ير ۾ بيگناهه ڪش??يري نوجوانن جو هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪش??ير کي ڪش??يري عوام لاءِ قبرستان بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ان ظلم ذريعي والاريل ڪش??ير ۾ سَوين عورتن جي عصمت زري ۽ ڪش??يري نوجوانن کي بيلٽ گنن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والايل ڪش??ير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪش??ير کي ڪش??يري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏو اوپن جيل بڻايو ويو آهي. اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي ??لاف ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ ڪش??يري عوام جي بي مثال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪش??يري عوام لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪش??ير جي هيروز سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت ڪش??ير تحريڪ جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ـ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪش??ير جي هيروز جي جدوجهد جي تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪش??ير ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهي ثابت ٿي رهيا آهن ۽ـ انهن جا جنگي عزم سڄي دنيا آڏو ظ??هر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته فلسطين ۽ـ ڪش??ير مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن گڏيل قومن کي والاريل ڪش??ير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ سنگين انساني حقن جي پائمالين جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪش??ير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن والاريل ڪش??ير ۽ فلسطين جي اخلاقي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ ۽ ان تڪرار کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريندا رهنداسين.