ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سنڪيانگ پروڊڪشن اينڊ ڪنسٽرڪشن ڪور (ايس پي سي سي) جي پارٽي سيڪريٽري لي يفئي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي لاءِ چيني عوام جي گرمجوشي وارن جذب?? کي ساراهيندي نگران وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڀرپور حمايت تي سي پي سي جي قيادت جا ٿورا مڃيا. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط عزم کي ساراهيو. نگران وزيراعظم سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سي پيڪ جي آغاز جي نقطي طور سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار، رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپ?? کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پاڪستان سان ايڪس پي سي سي جي مضبوط اداراجاتي رابطن ۽ سنڪيانگ جي امن ۽ ترقي ۾ ان جي ڪردار جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ايڪس پي سي سي کي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي، سياحت، زراعت ۽ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري لي يفئي چ??و ته چين پاڪستا?? کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ واپار ۽ رابط?? کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڪيانگ جي خودمختيار علائقائي حڪومت خنجراب سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپار، رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي.