اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ??ه پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنر??ند?? جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ??ه سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنر??ند?? جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي ??ها تعليم آهي ??نهن سان نوجوان نسل پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ ج?? ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ارتقائي سفر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.