اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم 18 آڪٽوبر تي ”هڪ کليل عالمي معيشت ۾ رابطي“ جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ ۽ سينيئر چيني اڳواڻ کانسواءِ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم چين ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپ??ار?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهم چيني واپارين سان پڻ ??لاقاتون ڪندو. هو چين جي سنڪيانگ خودمختيار علا??قي ارومچي جو پڻ دورو ڪ??دو ۽ مقامي اڳواڻن ۽ ??ار??باري شخصيتن سان ملاقات ڪ??دو جنهن جو مقصد واپار، سيڙپ??ار?? ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري تقريبن جو حصو آهي جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي. نگران وزيراعظم چين ۾ پنهنجي مصروفيتن ۾ سي پيڪ جي اهم ڪاميابين ۽ مستقبل جي ترجيحن تي روشني وجه??دو ۽ ان جي اعليٰ معيار جي ترقي کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندو.