اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پار??ي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ميسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ ک?? ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آهي ۽ انتظامي مدد به آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخ ڏيند?? ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن ??يو ته نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ آهي. هڪ سوال تي هن ??يو ته نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط آهن، جيڪڏهن ان جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته بجلي چوري ختم ٿيندي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي ريليف به ملندو. هن ??يو ته گذريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿيا انهن تي ڪم ڪري سگهو?? ٿا.