اسلام آباد – 15 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سي??ٽم??ر تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي صدارت ڪئي. دولت مشترڪه جي 45 کان وڌيڪ ملڪن جي يوٿ منسٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جيڪ?? دولت مشترڪه پاران 2023ع کي ”نوجوانن جي سال“ طور ملهائڻ جي هڪ حصي طور منعقد ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ب??ان موجب اجلاس جي صدارت ڪندي نگران پرڏيهي ??زير عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي ترتيب ڏيڻ ۾ دولت مشترڪه جي ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته دولت مشترڪه جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن. شرڪت ڪندڙن نوجوانن جي لاءِ ??وقعا پيدا ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ غور ڪيو ته جيئن اهي ??نهنجي صلاحيتن جو ڀرپور ادراڪ ڪري سگهن. نگران پرڏيهي ??زير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان حڪومت جي فليگ شپ يوٿ پراجيڪٽ ”پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام“ بابت ٻڌايو جنهن 10 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. نگران پرڏيهي ??زير چيو ته هي ??روگرام ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام جي چار اي ايس تحت طئي ٿيل مقصدن سان ويجهي ??م آهنگ رکي ٿو، يعني مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحوليات. پاڪستان حڪومت فور ايز مان هر هڪ تحت مخصوص واعدا ڪندي 80 ارب رپين جا منصوبا مخصوص ڪري موجوده مالي سال جي لاءِ ??وجوانن جي ترقي جي لاءِ ??نهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اجلاس جي موقعي تي نگران پرڏيهي ??زير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل ۽ سريلنڪا، روانڊا، جميڪا ۽ ساموا جي يوٿ منسٽرز سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. نگران پرڏيهي ??زير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل، لنڊن جي ميئر ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي جڳهه تي روايتي ٽرڪ آرٽ اسڪوٽرز ۽ بليو مٽيءَ جي ٿانون ۾ پاڪستان جي متحرڪ رنگن ۽ ڊيزائنن جي شاندار نمائش ڪئي وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. بيان موجب پاڪستان دولت مشترڪه کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تنظيم سان پنهنجُون ويجهيُون مصروفيتون جاري رکڻ جي لاءِ ??رعزم آهي.