اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرامن نمون?? عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محرم الحر??م دوران امن امان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير ر??نا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي توڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحر??م دوران بهترين انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته امن امان کي يقيني بڻائيند?? عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تعاون س??ن ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباسي ڏيان ٿو جن ڏينهن رات سيڪيورٽي جا فرض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن جي ڪري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.