اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) چي?? جو نائب وزيراعظم هي لي فنگ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو. هوائي اڏي تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، چي??ي نائب وزيراعظم جو هوائي اڏي تي گهرو معاملن واري وفاقي و??ير راڻا ثناءُالله، رٿابندي ترقي و??ري وفاقي و??ير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻين پاڪستاني اختيارين آجيان ڪئي. ٻن معصوم ٻارڙن کيس گل پيش ڪيا، چي??ي نائب وزيراعظم جهاز مان لهڻ کانپوءِ وفاقي و??يرن ??ان هٿ به ملايو. معزز مهمان جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. چي??ي نائب وزيراعظم هي لي فنگ سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيو آهي. هو پاڪستاني قيادت ??ان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. هي دورو پاڪستان ۽ چي?? وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي.