اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چو?? تي فلائي اوور جي پيڙهه ج?? پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم فلائي اوور جي پيڙهه ج?? پٿر رکيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين ??ور??لامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ آساني ٿيندي ۽ شاهين چو?? هڪ سگنل فري چو?? بڻجندو، منصوبي تي 2 ارب لاڳت ايندي. شروعاتي طور تي ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 8 مهينا مقرر ??يو ويو هو پر وزيراعظم جي هدايت تي ان ??ي 3 مهينن ۾ مڪمل ??يو ويندو. شاهين چو?? فلائي اوور، اليونٿ ايونيو، مارگلا ايونيو، نائنٿ ايونيو ۽ سري نگر هاءِ کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو.