اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي سندس 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عق??دت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پ??هنجي شهيدن جي سدائين قرضدار رهندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون سميت سڄي قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي ان جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عق??دت پيش ڪري ٿي، تاريخ گواهه آهي ته قومن ??و وجود، ترقي ۽ بقاءِ شهيدن جي مقدس رت جي ٿورائتي آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد بهادري جو مثال هو، جنهن ملڪ جي دفاع لاءِ لازوال جرئت جو مظاهرو ڪيو. پاڪستاني قوم پ??هنجي شهيدن جي سدائين قرضدار رهندي ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي.