اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صدر ??ئريسٽر سلطان محمود چوڌري، چئني صوبائي گورنرن، مولانا فضل الرحمان، بل??ول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايمل ولي خان ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽي??يف??ن ڪيو ۽ انهن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف آزاد رياست ڄمون ڪشمير جي صدر ??ئريسٽر سلطان محمود کي ٽي??يف??ن ڪري عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم هن لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو ??ظه??ر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو ??ظه??ر پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارتي رياستي دهشتگردي جو دليري ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ تي بهادر ڪشميرين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آزاد ڪشمير جي صدر ??ان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين جي آزادي تائين پاڪستان طرفان هر ممڪن حمايت ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوه ۽ بلوچستانجي گورنرن کي به ٽي??يف??ن ڪئي ۽ انهن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظه??ر ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بل??ول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايمل ولي خان کي ٽي??يف??ن ڪيو ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملڪي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي مينجنگ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت به آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي به ٽي??يف??ن ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم هٿياربند فوج جي پيشيواراڻه مهارت ۽ عسڪري تيارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.