اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن، ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان محفوظ جاين تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي صورتحال جي نگراني ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سامونڊي طوفان بپرجوائي جي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائڻ جي امڪانن جي ڏس ۾ سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو کي ??قيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حفاظتي جاين تائين پهچايو وڃي جتي انهن کي ??يئڻ جو صاف پاڻي ۽ خوراڪ سان گڏوگڏ طوفان جي خاتمي تائين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته بپرجوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آ??ي، ڪميٽي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شامل آهن جيڪي مسلسل ان طوفان جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو بحال رکندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ به برساتن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي مُهاڻن ۽ سامونڊي علائقن تي آبادي جو انخلا تيزي سان جاري آ??ي، الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سان اسان کي ??نهنجي شهرين کي ان طوفان جي نقصانن کان محفوظ رکندو.