بغداد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراق جي حڪمت پارٽي جي ??در عمار حڪيم سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سياسي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ اعليٰ سطحي سياسي را??طا ٻنهي ملڪن جي لاءِ اهم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي لاڳاپن جي فروغ لاءِ سياسي را??طا انتهائي ضروري آهن.