اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ايئر چيف معزز مهمان کي پاڪ فضائيه کي جديد بڻائڻ ۽ مقامي صلاحيت?? جي فروغ ??اء?? جاري مختلف منصوبن بابت آگاهه ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه پرڏيهي وزير کي پاڪ فضائيه جي نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پراجيڪٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان ميگا پراجيڪٽ جو مقصد ايوي ايشن، آءِ ٽي، سائبر ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعبن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن پاڪستا?? جي ??اء?? سماجي، اقت??اد??، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي وزير پاڪ فضائيه جي اهلڪار?? جي بي مثال پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاڪ فضائيه کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ته جيئن ملڪ جي فتح نه ٿيڻ جوڳي فضائي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪ فضائيه جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم پاڪ فضائيه جي سمورن شهيد?? جي ٿورائتي آهي جن دشم?? جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي ??اء?? بهادري سان وڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن پاڪ فضائيه جي قيادت پاران تربيتي شعبي ۾ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو جن سان هڪ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪري سگهبي جيڪا ايوي انڊسٽري جي تبديل ٿيندڙ رجحانن ۽ قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز ??ي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندي هجي.