اسلام آباد ?? 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي ??هيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ بهادري تي ??نهن کي سلام پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 15 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ??فسوس جو اظهار ڪيو. هن لانس نائيڪ شعيب علي ۽ سپاهي رفيع الله جي ڀائرن سان رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي ??نهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.