اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو آهي ته 6 فيبروري تي ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ تر?? عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي ??صوصي اظهار جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي ??يان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طو?? تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ تر?? عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ 6 فيبروري تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ هر ممڪن مدد جي ??اطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طو?? تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طو?? تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.