اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) م??صو??ابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس هتي ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جي خاص معاون نديم بابر، شهزاد قاسم ۽ ڊويزن جي سينيئر عهديدارن شر??ت ڪئي.