اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي ترقياتي ضرورتن ۽ درپيش مسئلن جو مڪمل پتو آه?? ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خي??لن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪراچي ?? وفاقي حڪومت طرفان مختلف ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ وفاقي وزي??ن اسد عمر، مراد سعيد ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ڪراچي مان وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ صوبي ۽ ڪراچي ?? وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾بريف ڪي??.