اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو، ڪامياب جوان پروگرا?? جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان، رق?? جي ورهاست جو عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ملڪي معيشت تي منفي اثر ختم ڪرڻ لاءِ اهو پروگرام تمام گهڻو ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم خاص مددگار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرا?? جي تازه ترين انگ?? اکرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ پروگرام تحت نوجوانن ۾ رقم ورهائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي مشاورت به ڪئي وئي.