اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان قوم کي آزادي جي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي ??يو آهي ته قائ??اع??م جي پاڪستان جي طرف اسان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، هي اهڙو پاڪستان هوندو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هوندا، قانوني سڀني جي لاءِ هوندو ۽ پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمرا?? خان ??يو ته قوم کي ان ڳالهه تي به مبارڪباد ڏيان ٿو ته ماضي جي ??ڪو??تن کان توانائي جو شعبو جيڪو اسان کي تباهه ٿيل مليو ان ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته ڊگهين ڳالهين کانپوءِ اسان آءِ پي پيز سان هڪ نئون معاهدو ڪيو آهي جنهن سان بجلي جي قيمت به ??هٽ ٿيندي ۽ گردشي قرضن جو مسئلو به حل ٿيندو، هن ??يو ته اسان جو ايندڙ هدف بجلي جي ورڇ جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي، وزيراعظم ڪشمير ۾ ڀينرن، ڀائرن جي نالي پيغام ۾ ??يو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ظالماڻي قدمن جي خلاف اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح سان حمايت جاري رکنداسين.