اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي اڳ??رائي جاري آهي، خض??ار کان بسيما 110 ڪلوميٽر ??ن ڦاڪن واري رستي تي ڪم ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين 30 رستي تي ڪم آڪٽوبر 2019ع ۾ شروع ٿيو، اين 30 رستي جي تعمير تي 19 ارب رپيا لاڳت ايندي. عاصم سليم باجوه چيو ته رستي جو 20 سيڪڙو ڪم مڪمل، رستو خض??ار کي اين 85 سان ڳنڍيندو. هن چيو ته منصوبي جي 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.