ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظ?? جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار نعيم الحق لاڏاڻو ڪري ويو، نعيم الحق جي لاڏاڻي جي تصديق تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ ۽ صوبائي اسيم??لي ميمبر حليم عادل شيخ ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته نعيم الحق ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ ??و.