گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آهن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن، کاڌو ختم ٿيڻ تي کين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيست??ئي?? ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيست??ئي?? ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، غربت جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته اهي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آهن، آئون الله سان واعدو ڪري آيو آهيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم عمران خان چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿيندي آهي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تباهي جي ذميدار ڪرپشن هوندي آهي.