پشاور-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرم ۽ خيبر پختونخوا جي صورتحال بابت خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي دعوت تي رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اي اين پي اڳواڻ ميان ا??تخار حسين، قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ آفتاب شير پائو، جماعت اسلامي جي پروفيسر ابراهيم عنايت الله ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن ا??جنيئر امير مقام، مولانا لطف الرحمان، محمد علي شاهه باچا، محسن داوڙ، سڪندر شير پائو شرڪت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ اي پي سي ۾ شرڪت کان ا??ڪار ڪيو . اي پي سي جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بدامني جي روشنيءَ ۾ اي پي سي جو بندوبست وقت جي گهرج هئي. گورنر چيو ته ڪرم جي صورتحال سڀني آڏو آهي، بدامني صوبي ۾ پنهنجو ديرو ڄمائي ورتو آهي، بدقسمتيءَ سان صوبي جي حالتن تي اسيمبليءَ ۾ ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي. هن چ??و ته ٿيڻ اهو گهرجي ها ته اي پي سي جو بندوبست صوبائي حڪومت ڪري ها پر ان ا??ن ا??ان جي صورتحال تي اڄ تائين بحث به نه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام اي پي سي گهرائڻ تي گورنر جي قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته عوام جي مسئلن جو حل ڪي پي ڪي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، هن چ??و ته ڪي پي ڪي حڪومت جا وسيلا احتجاج ۽ ڌرڻن تي خرچ ٿي رهيا آهن، اي پي سي ۾ ڪي پي ڪي ج?? حقيقي قيادت شريڪ آهي، ڪي پي ڪي جي عوام لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت ڪجهه به ناهي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست ڪري رهيو آهي، سندس صوبي جي امن ا??ان لاءِ ڪا ڳڻتي ناهي. ڪرم ۾ لاش ڪريا هئا ۽ هو اسلام آباد تي چڙهائي ۾ مصروف هو. ٻي طرف خاص ڳالهه ٻولهه دوران ڪي پي ڪي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباد چيو ته صوبي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي. هن چ??و ته سنگين نوعيت جي مسئلن باوجود پي ٽي آءِ مسئلن تي ڳالهائڻ نٿي چاهي.