اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس پارليامي??ٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٻه ??رف?? واپار ۾ تازن مهينن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، وزيراعظم جي خاص مددگار ارباب شهزاد، پاڪستان ۽ افغانستان جي خصوصي ايل??ي صادق خان، پرڏيهي وزارت، واپار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، ميري ٽائيم افيئر، ايف بي آر، ڪسٽم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اسپيڪر تازن مهينن ۾ پاڪ – افغان واپار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻه ??رف?? واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.