ڪريم ڏنو راهمون
ڪمائڻ جي جستجو هُجي ته سهُولتن جي اڻهوند به رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي، ٿر واسين برسات بعد خيما بستين کا?? پوءِ خيما مارڪيٽُون قائم ڪري ٿر جي روايتي ڀاڄيون ۽ ميون جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ رستن تي قائم ٿيل خيما مارڪيٽون سياحن جي خريداري جا اهم مرڪز بڻيل آهن، جڏهن ته بجلي، گئس ۽ عمارتن کا?? سواءِ قائم ٿيل اهي مارڪيٽُون ملڪ ۾ پنهنجي طرز جُون منفرد مارڪيٽُون آهن، ٿر جي وڏي خيما مارڪيٽ مٺي شهر جي ويجهو نئوڪوٽ بدين بائي پاس روڊ ڦانگهاريو اسٽاپ تي قائم ڪئي وئي آهي، جتي 15 کا?? 20 دوڪان قائم ڪيا ويا آهن، جتان روزانو ٿر گهمڻ ايندڙ سوين سياح اتان پنهنجي لاءِ ٿر جُون روايتي ڀاڄيُون ۽ ميوا کُنڀي، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار واپسي تي پنهنجي گهر لاءِ وٺي وڃن ٿا
جڏهن ته خيما مارڪيٽن کا?? سواءِ هڪ هڪ خيمي جا دُڪان پڻ هر هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جڏهن ته بارشن وانگر اهي خيما مارڪيٽُون به سانوڻ جي رُت ۾ قائم ٿي??دي??ون آهن، ٿر جون ڀاڄيون سياح توڙي ٿر جا رهواسي وڏي شوق سان کائيندا آهن ۽ سنڌ جي مختلف علائقن سميت پوري ملڪ ۾ رهندڙ مٽن مائٽن ۽ دوستن کي تحفي طور به موڪليندا آهن، جنهن مان مزدور طبقي کي سٺي ڪمائي ملي پوندي آهي ۽ ٿر ۾ برسات کا?? ٿيندڙ ڀاڄيون غريب ماڻهن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهن، ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ قدرتي ڀاڄيُون سڀ کا?? مهانگي وڪرو ٿين ٿيُون ۽ ان مان هر طبقي جو ماڻهُو لاڀ پرائي ٿو، ڌنار مال چارڻ سان گڏوگڏ کُنڀيُون، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار پڻ چونڊي اچي انهن دُڪانن تي وڪرو ڪن ٿا جٿي وري دڪاندار انهن کي سجائي سياحن کي وڪرو ڪن ٿا
شروع ۾ پنج سو کا?? ست سو روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيندي آهي ۽ بعد ۾ ٻه سو کا?? ٽي سو روپين ۾ وڪرو ٿيندي آهي۔ ان کا?? سوا۽ ٻيون ڀاڄيون به سو کا?? ٻه سو روپين تائين وڪرو ٿي??دي??ن آهن، ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄيون ٿرواسي پُورو سال سنڀالي رکندا آهن ۽ مشڪل وقت ۾ استعمال ڪندا آهن. خيما مارڪيٽ ۾ سهولتن جي اڻهوند باوجود روزانو تازيون ڀاڄيون وڪرو ٿين ٿيون.
اي پي پي سان ڳالهائيندي پيارو خان بجير ??يو ته ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄين مان سڀ کا?? وڌيڪ کنڀيون وڪرو ٿي??دي??ن آهن، جيڪي سڀني ڀاڄين کا?? وڌيڪ مهانگيون آهن، شروع شروع ۾ پنج سو کا?? ست سو تائين وڪرو ٿي??دي??ن آهن، جيڪي اسان ٻهراڙي جي ماڻهن کا?? اندازي تي چار سو روپيا ڪلو جي حساب سان وٺندا آهيون، پوءِ اهي کنڀيون وڌيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ گهٽ اگهه ۾ وٺندا ۽ وڪرو ڪندا آهيون، کنڀيون هتان کا?? مڻن جي حساب سان گهوٽڪي، جيڪب آباد، سکر، دادو، حيدرآباد، مورو لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ڏانهن واپاري وٺي کڻي ويندا آهن، جنهن سان اسان جو سٺو روزگار ٿيندو آهي، جيڪڏهن برسات سراسر هوندي آهي ته ٻن مهينن تائين سٺو ڪاروبار هلندو آهي، جيڪڏهن برسات گهٽ هوندي آهي ته پندرنهن کا?? ويهه ڏينهن مس هلندو آهي۔ جڏهن ته هڪ ٻئي ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ سوائي ڀيل ??يو ته ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄيون کنڀي، للر، مريئڙو، پپون، گوار، چڀڙ، گدريون ۽ ميها سٺي اگهه ۾ وڪرو ٿين ٿا، جنهن مان اسان جو سٺو گذران ٿيندو آهي، هن ??يو ته شروع ۾ ٿر جون ڀاڄيون کنڀي کا?? سوا۽ ٻيون هڪ کا?? ڏيڍ سو روپيا جي حساب سان وٺندا آهيون ۽ ٻه سو تائين وڪرو ڪندا آهيون، ٿر جي ماڻهن سميت ٿر گهمڻ ايندڙ تمام شوق سان وٺندا آهن، هن ??يو ته جيڪي ڀاڄيون بچي پو??دي??ن آهن، اهي تقريبن سڪي وي??دي??ن آهن، اسان روزانو تازيون ڀاڄيون خريد ڪندا آهيون، صرف گوار، چڀڙ، ميها ۽ گدريون ٻن ڏينهن تائين صحيح هو??دي??ن آهن جن کي اسان پلاسٽڪ جي ڪٽن ۾ بند ڪري رکندا آهيون. ٿر گهمڻ لا۽ ايندڙ ضلعي ٺٽي جي اسلم جت ۽ رمضان جت اي پي پي سان ڳالهائيندي ??يو ته اسان هر سال ٿر گهمڻ آيا آهيون، برسات کا?? پو۽ ٿر جا نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن، اسان کي ڏاڍو مزو ايندو آهي، هنن ??يو ته هي خيما مارڪيٽون رستي تي هجڻ جي ڪري خريداري ۾ آساني ٿي پئي آهي، اسان هتان کا?? ٿر جون ڀاڄيون ۽ ميوا وٺي ٺٽو کڻي وڃي رهيا آهيُون جنهن مان اسان پاڻ به شوق سان کائيندا آهيون ۽ مٽن مائٽن سميت دوستن کي سوکڙي طور به ڏيندا آهيون.