اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان سان آسٽريليا جي فورٽسڪيو ميٽلز گروپ لميٽيڊ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف ??ر بخاري به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آ??يس موجب وزيراعظم عمران ??ان اينڊريو فورسٽ جي آجيان ڪئي ۽ کيس ڪورونا وبا جي تناظر ۾ ملڪ جي اقتصادي بحالي ۽ موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن سمارٽ لاڪ ڊائونز جي ذريعي ڪورونا جي وبا کي روڪڻ جي حڪومتي حڪمت عملي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙ غريب ماڻهن کي امداد جي فراهمي جي باري ۾ به ٻڌايو. ان مو??عي تي اينڊريوفورسٽ حڪومت پاڪستان طرفان ڪورونا وائرس جي وبا کي م??هن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل پاليسي کي ساراهيو.